مولانا گل محمد شهدادڪوٽي

مولانا گل محمد شهدادڪوٽي : مولانا گل محمد ولد نور محمد 21 رجب 1240هه/11 مارچ 1825ع تي ڪنڊي شهر، ڀاڳناڙي، رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو. سندس والد مولانا نور محمد مذهبي علم جو ڄاڻو ۽ علمي اڪابر هو، جنهن قلات جي خان وٽ قاضيءَ جون خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون هيون. هيءُ ابتدائي طور تي ڪنڊي شهر ۾ پڙهيو، والد جي شهدادڪوٽ لڏي اچي مقيم ٿيڻ تي پوري خاندان سان گڏ هيءُ به شهدادڪوٽ ۾ رهيو ۽ وڌيڪ تعليم اتي پرايائين. هيءُ پنهنجي والد جي تمام ويجھو رهيو، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ تربيت حاصل ڪري عربي سکيو ۽ مذهبي علم تي عبور حاصل ڪيائين. هن خاندان مان مشهور بزرگ علامه عبدالحليم ڪنڊائي روهڙيءَ وارو پڻ ٿي گذريو آهي. مولانا گل محمد ٻاويهن سالن جي عمر ۾ علم جي تحصيل ڪئي. هن وٽان ڪيترن ئي شاگردن تعليم پرائي ۽ فارغ التحصيل ٿي درس ۽ تدريس جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. هن جي شاگردن مان مولانا عبدالحڪيم (افغانستان)، مولانا محمد حسين (حيدرآباد) ۽ قاضي داد محمد (مڪران) پنهنجي وقت جا صاحب علم بزرگ ۽ معلم ٿي گذريا آهن. پنهنجي والد وانگر هيءُ به قادريه سلسلي سان واڳيل هو. نهايت ئي نيڪ سيرت ۽ سچ گو بزرگ هو . مولانا گل محمد عربي ۽ فارسي ٻوليون پڻ چڱي نموني ڄاڻندو هو. فارسيءَ ۾ شاعري به ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ رباعيون ملن ٿيون. هن صاحب علم بزرگ ۽ معلم 27 ذوالحج 1306هه/ 25 جولاءِ 1889ع تي وفات ڪئي. هن جي مزار شهدادڪوٽ ۾ سندس ئي قائم ڪيل مدرسي جي احاطي ۾ آهي


لفظ مولانا گل محمد شهدادڪوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1825.03.11  عيسوي

مولانا گل محمد ولد نور محمد 21 رجب 1240هه/11 مارچ 1825ع تي ڪنڊي شهر، ڀاڳناڙي، رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو.


1889.07.25  عيسوي

مولانا گل محمد 27 ذوالحج 1306هه/ 25 جولاءِ 1889ع تي وفات ڪئي. هن جي مزار شهدادڪوٽ ۾ سندس ئي قائم ڪيل مدرسي جي احاطي ۾ آهي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالخالق ڪنڊياروي مولانا
عبدالجبار صديقي مخدوم
شهنشاهه حسين نقوي علامه
شاهه ولي ٺٽوي سيد
شيخ طيب ٺٽوي
قاضي محمد عاقل سنڌي
ابنِ مقله بيضاوي
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
عبدالرحيم مفتي سڪندري
حسن شاهه جيلاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون